آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو

آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو: شاهه عبداللطيف جي رسالي جو هڪ آڳاٽو قلمي نسخو، جنهن جا فقط 46 ورق دستياب ٿيا آهن. هيءُ رسالو ڪڏهن لکيو ويو، ان جو سن معلوم ڪونهي. ڪاغذ ۽ صورتخطيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ رسالو آڳاٽو لکيل آهي. هن نسخي ۾ 17 سُر، 468 بيت ۽ 17 ڪافيون شامل آهن. پهريون سُرسسئي“ آهي. سرن ۾ آيل بيتن ۽ انهن جي ترتيب مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ هڪ انتخاب آهي. موجوده ورقن ۾ ڪٿي به ڪتابت جو سن يا ڪاتب جو نالو لکيل ناهي. هن ۾ ’سُر سسئي‘ هيٺئين بيت سان شروع ٿئي ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ’سُر سسئيءَ‘ سان شروع ٿيندڙ رسالن ۾، هن جي روايت الڳ آهي:
”سڏ مَ ڪر سڏڻ ري، هلڻ ري مَ هل،
جلڻ ري مَ جَل، رئڻ ريءَ متان رُئين.“
هن ۾ ’سُر جکرو‘ هڪ نئون عنوان آهي، جنهن هيٺ ’سُر بلاول‘ وارا بيت قلمبند ٿيل آهن. ’سر وهاڳ‘ ۽ سُر پرڀاتي‘ جدا جدا ڪري لکيل آهن، حالانڪ ٻنهي سُرن هيٺ ’سُر پرڀاتيءَ‘ جا بيت شامل آهن. ’سُر متفرقات‘ جي عنوان سان سهڻيءَ، سسئيءَ ۽ مارئيءَ جي سُرن جا بيت لکيل آهن. ’وائيءَ‘ کي هر جاءِ ’ڪافي‘ ڪري لکيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


نسخو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو
نسخو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون